ايران سعودي ڳالهيون: وزيراعظم عمران خان اڄ تهران روانو ٿيندو

news

اسلام آباد: (آچر 13 آڪٽوبر 2019ع) پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿيندو.

گهرو وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان جو دورو خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي قدمن جو حصو آهي. دوري ۾ وزيراعظم عمران خان، ايراني اڳواڻ آيت الله خامنائي، صدر حسن روحاني سميت اعليٰ ايراني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. ڇنڇر جي ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايراني اڳواڻن سان ملاقاتن جي دوران خليج ۾ امن ۽ سلامتي جي معاملن کان علاوه اهم علائقائي اڳڀراين ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪندو. هي وزيراعظم عمران خان جو هلندڙ سال جي دوران ايران جو ٻيو دورو هوندو.

ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ۾ سيپٽمبر 2019 ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74هين اجلاس جي موقعي تي به ايران جي صدر سان گڏ ملاقات ڪئي هئي. ايران جي دوري کان واپسي کان پوءِ وزيراعظم عمران خان اڱاري جي ڏينهن سعودي عرب به  ويندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جو پهريون مقصد آهي ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ غلط فهميون ختم ٿين. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايراني حڪومت جي ترجمان علي ربيعي دعويٰ ڪئي هئي ته وزيراعظم عمران خان ايران کي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پيغام پهچايو آهي. 

ايران جي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم اهو پيغام دوري کان هڪ ڏينهن پهريان تهران موڪليو. پيغام ۾ سعودي ولي عهد ايران سان ڳالهين جي  آڇ ڪئي هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته يمني عوام جي شموليت کان سواءِ سعودي عرب سان ڳالهيون ضروري نٿا سمجهون. ان کان پوءِ هاڻ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي ايران ۽ سعودي جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي لاءِ ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي.