وارثن جي ملڪيت ۽ جڳهين بابت مني ٽريل ڏيڻ جو پابند ناهيان: جسٽس فائز عيسيٰ

news

اسلام آباد: (آچر 13 آڪٽوبر 2019ع) سپريم ڪورٽ جي جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي وارثن جي ملڪيت ۽ جڳهين جي مني ٽريل ڏيڻ جو پابند ناهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته منهنجي گهر واري ۽ ٻار ان جي زير ڪفالت ناهن. مون کي پنهنجي وارثن جي مالي معاملن جي بابت تفصيلي علم ناهي.

بالڪل اهڙي طرح جيئن ان جا وارث ان جي(جسٽس فائز عيسيٰ) مالي معاملن بابت خبر ناهي. مون کي زال ۽ ٻارن جي ملڪيت ۽ جڳهين جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ جو نٿو چئي سگهجي.