فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ کان فرانس ۾ شروع ٿيندو

news

اسلام آباد: (آچر 13 آڪٽوبر 2019ع) فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ کان فرانس ۾ شروع ٿيندو. پاڪستاني وفد وفاقي وزير حماد اظهر جي اڳواڻي ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

فرانس ۾ فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پاڪستان جو وفد وفاقي وزير جي سربراهي ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ پرڏيهي وزارت، ناڻي واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ايف ايم يو جون اختياريون شامل آهن. ايف اي ٽي ايف جو اجلاس  18 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. اجلاس ۾ پاڪستان جي 27 نڪتن واري ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف جي 27 مان 20 نڪتن تي 100 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪستاني وفد ايف اي ٽي ايف سفارشن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جامع رپورٽ پيش ڪندو. پاڪستان ٽيرر فنانسنگ ۽ دهشتگردي  جي خاتمي  واري مد ۾ اهم قدم کنيا آهن. ذريعن موجب پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ جو ڪوبه خطرو ناهي.