شاهه برهان روڊ تي گيس جي ميٽر تان ٿيل جهيڙي جو نبيرو ڌريون کير کنڊ

news

بدين: آچر 13  آڪٽوبر 2019ع، شهر جي شاهه برهان روڊ تي گيس جي ميٽر کي چوديواري کان ٻاهر ڪڍڻ واري معاملي تان بينڪ آفيسر اسماعيل پنهور ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙ نورمحمد سومرو ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو پاڙي جي نيڪ مرد ايڊوڪيٽ رمضان رند پاران ڪيو ويو۔

جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ  اسماعيل پنهور تي ڪيس  جي خرچ تان 15 هزار مقرر ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو۔

جڏهن ته فيصلي موجب نورمحمد سومرو سول ڪورٽ بدين ۾ پنهنجي ڊائرڪٽ ڪمپلين واپس وٺندو.