سون جي هيل ۽ هيرن سان سجايل دنيا جو سڀ کان مهانگو جوتو

news

دبئي: آچر13آڪٽوبر2019ع: جيتوڻيڪ دنيا ۾ پهريان به دنيا جي مهانگي ترين ۽ پاڪستاني تقريبن 2 ڪروڙ روپين جي قيمت جا جوتا برطانيه جي ڊيزائن ٺاهي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

جڏهن ته هاڻ اٽالين ڄائي گڏيل عرب امارتن جي ڊيزائنر برطانوي ڊيزائنر جو رڪارڊ ٽوڙيندي دنيا جو سڀ مان مهانگو جوٽو تيار ڪري ورتو.

جي ها، اٽلي سان تعلق رکندڙ اماراتي ڊيزائنر انتونيو وانتري دنيا جو سڀ کان مهانگو جوتو ٺاهي نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

برطانوي فيشن ميگزين موجب انتونيو وانتري طرفان تيار ڪيل جوتن ۾ جتي خالص سون ۽ هيرن کي استعمال ڪيو ويو آهي، اتي ئي ان ۾ ناياب شهابي پٿر کي پڻ سجايو ويو آهي.

رپورٽ موجب انتونيو وانتري طرفان ٺاهيل عورتن جي جوتن جي قيمت هڪ ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني تقريبن 3 ارب روپيا آهي.

اٽالين چائي اماراتي ڊيزائنر طرفان ٺاهيل جوتن جي هيل نج سون جي آهي جنهن جي ڊيزائن دنيا جي سڀ کان مٿانهين امارت برج خليفا سان ملندڙ جلندڙ آهي.

دنيا جي سڀ کان مهانگن انهن جوتن ۾ 30 قيراط هيرا پڻ جڙيا ويا آهن جڏهن ته جوتن ۾ 5 صديون اڳ يورپ ۾ ملندڙ شهابي پٿرن کي پڻ سجايو ويو آهي.