بدين ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون پهچائڻ پيپلزپارٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: حاجي تاج محمد ملاح

news

بدين: آچر 13  آڪٽوبر 2019ع، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر حاجي تاج محمد ملاح چيو آهي ته بدين ضلعي جي پٺتي پيل علائقن خاص ڪري سامونڊي پٽي جي علائقي ۾ عوام کي بنيادي سهولتن پهچائڻ پيپلز پارٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

بدين جي سامونڊي پٽي جي تفريحي جڳهه سدا بهار تي بدين جي واپارين صحافين شهر جي معززن ۽ سول سوسائٽي جي مان ۾ رکيل رات جي ماني واري تقريب کي خطاب ڪندي حاجي تاج محمد ملاح چيو هن سال بدين ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ بدين جي سامونڊي پٽي متاثر ٿي آهي نالي ماتر عوام وٽ جيڪي روزگار جا وسيلا هئا اهي به ختم ٿي ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان هتان جي عوام جي مسئلن کان چڱي طرح واقف آهيون اهوئي سبب آهي جو ضلع جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي روڊ صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ڪوسٽل هائي وي ٺٽه سجاول بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي سامونڊي پٽي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو.

هن چيو ته وفاق پاران سنڌ کي پنهنجي حصي جا گهٽ پئسا ڏيڻ سبب موجود سنڌ حڪومت مالي مشڪلاتن جو شڪار آهن جنهن جو اثر ترقياتي بجيٽ تي به پيو آهي.