مبارڪپور واسي پنج ڏينهن اڳ روڊ حادثي سبب زخمي ٿيل سترانهن سالا نوجوان ڪراچي ٽراما سينٽر ۾ فوت

news

مبارڪپور: آچر 13 آڪٽوبر 2019ع، مبارڪپور شهر جي ڳوٺ عارف آباد جو رهواسي سينيئر صحافي ظفرالله کوسو جو ڳڀرو پٽ 17 ورهين جو ساجد کوسو جيڪو 5 ڏينهن اڳ پنهنجي ڳوٺ عارف آباد کان موٽر سائيڪل تي  مبارڪپور شهر اسڪول طرف اچي رهيو تہ  ٺل - جيڪب آباد مين روڊ عارف آباد چوڪي وٽ تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ هون سخت زخمي ٿي پيو،

جنهن کي وارث حرا سکر سينٽر، آغا خان اسپتال ڪراچي ۽ بعد ۾ ڪراچي جي ٽراما سينٽر اعلاج لاءداخل ڪيو،پر زخمي ڳڀرو نوجوان زخمن جا سور نہ سهندي هو فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙه ڪراچي کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ عارف آباد آندو جتي نوجوان جو مڙه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

جڏهن تہ نوجوان جي جنازي نماز ۾ مبارڪپور شهر سميت ٺل، ميرپورٻرڙو،ميان صاحب شهرن جي سياسي، سماجي،  مذهبي اڳواڻن سميت صحافين ۽ سوين ماڻهن شرڪت ڪئ، جڏهن تہ نوجوان جي مڙه کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

هوڏانهن اهڙي واقعي تي مبارڪپور شهر ۾ سوڳ واري صورت حال ڇايل هئي، جڏهن تہ پريس ڪلب مبارڪپور پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو.