مولانا کي ملڪ جي نه پر حلوي جي فڪر آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: آچر13آڪٽوبر2019ع: وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جو جمهوريت سان ڪوبه تعلق ناهي، کيس ملڪ جي نه پر هر وقت حلوي جي فڪر رهندي آهي.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ مصروف ٽولي کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو، مولانا جو اسلام سان تعلق ناهي ۽ نه ئي سياست سان، کيس ته بس حلوي جي ڪشش ڇڪيندي آهي ۽ جتان کان خوشبوءِ ايندي آهي هو ان طرف منهن ڪندو آهي.

هن جو چوڻ هو ته مهانگائي جا ذميوار اڳوڻا حڪمران بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ماضي جي حڪمرانن ملڪي ناڻي کي لٽڻ کان علاوه ڪجهه نه ڪيو ۽ مولانا صاحب بدعنوان عنصرن جي ڪري مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي، آسان ڪاروبار لاءِ موقعن جي فراهمي عمران خان جو ويزن آهي ۽ عوام اڄ به عمران خان کي پنهنجو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي ٿو.

هن ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبن سان روزگار جا موقعا مهيا ٿيندا. هن دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو سڀ کان مقبول ليڊر آهي جيڪو عالمي سطح تي هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.