ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال جي باٿ روم جي ڊبليو سي مان تازو ڄاول ٻار هٿ، آءِ سي يو منتقل

news

ٽنڊو محمد خان:  آچر 13 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمدخان شهر جي نجي خانگي اسپتال مان تازي ڄاول ٻار کي سندس برقي پوش عورت  باٿ روم جي ڊبليو سي ۾ ڇڏي وئي اطلاع تي اسپتال انتظاميه زنده ٻار کي اسپتال جي نگهداشت واري وارڊ ۾ وينٽيلٽر تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

خبر موجب ٽنڊومحمدخان شهر جي نجي خانگي چيئرٽيبل اسپتال ۾ گذريل رات نامعلوم برقي پوش عورت پنهنجي گناهه کي لڪائڻ خاطر پنهنجي معصوم نينگر کي اسپتال جي باٿ روم جي ڊبليو سي ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي ان موقعي تي مقامي سماجي تنظيم سفت جي ڪارڪنن اسپتال پهچي سٽي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد اسپتال جي انتظاميه معصوم نينگر کي باٿ روم جي ڊبليو سي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪري کيس وينٽيلٽر تي رکي ڇڏيو آهي .

جتي ڊاڪٽرن معصوم نينگر جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي هوڏانهن اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اسپتال ۾ سي سي ٽي وي ڪيمئرائون موجود آهن جنهن ۾ برقو پاتل هڪ عورت صاف نظر اچي رهي آهي جنهن ۾ هو  ٻار کي اسپتال جي باٿ روم اندر کڻي وڃي رهي آهي.

اسان سي سي ٽي وي ڪيمئرا جي مدد سان فوٽيج سٽي پوليس کي ڏنا آهن جيڪا هاڻي واقعي بابت جانچ ڪري رهي آهي هوڏانهن سٽي ٿاڻي ايس ايڇ او محمود خان صحافين کي ٻڌايو آهي ته اسان  واقعي جو اطلاع ملندي ٻار کي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

واقعي جو مختلف رخن کان جانچ ڪري رهيا آهيون جلد معصوم نينگر جي ڇڏيندڙن جو پتو پئجي ويندو.