وزيراعظم عمران خان ايران جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان پهچي ويو

news

اسلام آباد: (سومر 14 آڪٽوبر 2019ع) وزيراعظم عمران خان ايران جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان واپس پهچي ويو آهي.

وزيراعظم ايران کان خاص جهاز ذريعي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ خاص معاون ذوالفي بخاري سان گڏ اسلام آباد پهتو آهي.

گذريل ڏينهن ايران جي صدر ڊاڪٽر حسن روحاني سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو هو ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب ۾ جنگ نٿو چاهي.  منهنجي دوري جو اهم مقصد آهي ته خطي ۾ هڪ ٻيو تڪرار پيدا نه ٿئي. هن چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي جڏهن ته سعودي عرب به هر ضرورت جي ٽائيم تي اسان جي مدد ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جي صورت ۾ خطي ۾ غربت ۾ واڌ ٿيندي.

وزيراعظم چيو ته صدر حسن روحاني سان هلندڙ سال ۾ منهنجي ٽئين ملاقات آهي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن جي لاءِ ايران جي حمايت تي ٿورائتو آهيان. 1965ع جي جنگ ۾ ايران جو ساٿ ڏيڻ اڄ تائين ياد آهي. هن چيو ته صدر حسن روحاني سان ملاقات جي  دوران گڏيل لاڳاپن، واپار ۽ هڪ ٻئي سان تعاون جي طريقيڪار تي ڳالهيون ڪيون آهن.

عمران خان چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙ ناهي پاڪستان صرف سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو قدم پاڪستان جو پنهنجو آهي ڪنهن جي به چوڻ تي ٻنهي ملڪن ۾ ٽياڪڙي جو قدم ناهي کنيو.