ڄامشورو ۾ مولانا راشد محمود سومرو جي صدارت ۾اجلاس، جي يو آءِ ڄامشورو پاران آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سومر 14 آڪٽوبر 2019ع، ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ عبدالله چاوڙو جي مدرسه جامع حياتيا ۾ جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو جي صدارت جي هيٺ اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾  جي يو آئي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن مولانا عبدالمالڪ ٽالپر ، تاج محمد ناهيون، حافظ محمد اعظم جهانگير، عبدالله ڪوهستاني، ضلعي ڄامشورو جو امير مولانا محمد قاسم چاراڻي، جنرل سيڪريٽري ڄامشورو مولانا سڌير احمد رند سميت ڄامشوري ضلعي جي جي يو آئي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته آزادي مارچ پر امن رهندو 27 آڪٽوبر تي ڪراچي کان قافلو روانو ٿيندو جنهن کان پوءِ 28 آڪٽوبر تي سکر مان سڄي سنڌ جا جمع ٿيل قافلا اسلام آباد ڏانهن روانا ٿيندا ۽ 31  آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ پهچنداسين ۽ جمعي جي نماز مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ ڊي چوڪ تي ادا ڪنداسين.

هن چيو ته 25 جولائي کان اسان جو واضح بيان رهيو آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ، جي يو اي پوري سال کان مارچ ڪيا آهن , موجوده حڪمران اليڪٽيڊ نه پر سليڪٽيڊ آهن ، هن چيو ته عمران خان پنهنجي جذباتي تقريرن ۾ چيو ته اسان قرض نه وٺنداسون پر پنهنجو واعدو وفا نه ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چيو هو ته اسان جي حڪومت ۾ ملڪ ايتري ترقي ڪندو ته ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو هتي ڪمائڻ ايندا پر صرف  ٻه ماڻهو گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ چيئرمين ايف بي آر پاڪستان ۾ ڪمائڻ آيا آهن.

  هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري ناڪام سازش ۽  سنڌ مان جبري گمشدگين وارا مسئلا به جي يو آئي جي آزادي مارچ جو حصو آهن تنهن ڪري سنڌ جا قومپرست ۽ سڄاڻ ڌريون به اسان جو ساٿ ڏين، هن چيو ته  پي ٽي آئي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته  پرامن مارچ ۾ ڪشيدگي ڪندي يا پرامن مارچ کي پرامن رهڻ ڏيندي , هن چيو ته حڪومت پرامن مارچ ۾ رڪاوٽ ڪئي ۽ اسان جو رستو روڪيو ته هر ننڍي وڏي شهر ۾ رستا روڪ ڪري ڦٿا جام ڪيا ويندا .