لاڙڪاڻي جو عوام باشعورن جو شهر آهي، سياست جي لحاظ کان لاڙڪاڻو اهم شهر آهي: سيد قائم علي شاهه

news

لاڙڪاڻو : سومر 14 آڪٽوبر 2019ع، اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي جو عوام باشعورن جو شهر آهي پاڪستان جي سياست جي لحاظ کان لاڙڪاڻو اهم شهر آهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪن جي عوام جي حقن لاءِ ميدان ۾ آئي ۽ هن پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ به ساڳيون ئي خوبيون آهن.

هو ملڪ جي غريب عوام سان بي انتها محبت ڪندو آهي سڄي سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ شناس نه رکندڙ وارا ماڻهو نه مڃيندا ته پارٽي ترقياتي ڪم نه ڪرايا آهن شهيد ذوالفقار علي شهيد بينظير ڀٽو جو پارٽي مخالفن تي تمام گهڻا احسان آهن ٿيڻ ته ائين گهرجي ها هو.

هن پارٽي جي سامهون چونڊن ۾ بيهن ئي نه هان پر 17 آڪٽوبر تي اسان جو اميدوار مثالي ڪاميابي حاصل ڪندو مخالفن کي اهڙي شڪت ملندي جو ٻيهر چونڊ وڙهڻ تان هنن جو روح ئي کڄي ويندو .

بلاول ڀٽو زرداري کي عوام جو تمام گهڻو خيال ۽ اونو رهندو آهي.