دنيا جي سڀ کان وڏي ٿري ڊي پرنٽر وسيلي ٻيڙي تيار

news

واشنگٽن: سومر14آڪٽوبر2019ع: گذريل هفتي يونيورسٽي آف مين، آمريڪا جي ايڊوانسڊ اسٽرڪچرز اينڊ ڪمپوزٽس سينٽر ۾ لڳي وئي، دنيا جي سڀ کان وڏي ٿري ڊي پرنٽر مان صرف 72 ڪلاڪن ۾ هڪ وڏي ٻيڙي تيار ڪئي وئي جنهن جي ڊيگهه 25 فٽ آهي جڏهن ته اها 5000 پائونڊ (2.26 ميٽرڪ ٽن) وزني آهي.

اها صرف ڏيکاءُ لاءِ ناهي پر اها مضبوط ۽ پائيدار پڻ آهي جيڪي سمنڊ جي تيز ۽ بي رحم لهرن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، ان کان علاوه اها اڃان تائين ڪنهن به ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ڪئي وئي، سڀ کان وڏي ساخت پڻ آهي.

ان ٻيڙي کي ٿري ڊي اريگو جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي نمائندن جي موجودگي ۾ پرنٽ ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ ٻيڙي پهريون ڀيرو نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي ته ان ٽي وڏا عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا.

ان کي ڇاپيندڙ ٿري ڊي پرنٽر کي دنيا جو سڀ کان وڏو ٿري ڊي پرنٽر قرار ڏنو ويو، اها ٻيڙي ٿري ڊي پرنٽر تان ڇاپي وئي، دنيا جي سڀ کان وڏي ساخت پڻ قرار ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ ان کي دنيا جي سڀ کان وڏي ٿري ڊي پرنٽڊ ٻيڙي پڻ قبول ڪيو ويو.

ٿري ڊي اريگو جي مضبوطي ۽ پائيداري جاچڻ لاءِ ان کي يونيورسٽي آف مين جي ايلفونڊ ڊبليو اسڪوائر اوشن انجنيئرنگ ليبارٽري ۾ مختلف طرح جي سخت آزمائشن مان گذاريو ويو جيڪي کليل سمنڊ جي حقيقي ۽ خطرناڪ ماحول جهڙيون هيون، اها ٻيڙي انهن سمورين آزمائشن ۾ ڪامياب رهي.

يونيورسٽي آف مين جي آفيشل ويب سائٽ موجب جيڪڏهن ان ٿري ڊي پرنٽر جون انتهائي صلاحيتون ڪارآمد آڻديون وڃن ته اهو 100 فٽ ڊگهي، 25 فٽ ويڪري ۽ 10 فٽ مٿانهين شين تائين پرنٽ ڪري سگهندو.