پيٽ ۾ سور جي شڪايت تي ڊاڪٽر مرد مريضن کي حمل ٽيسٽ جو نسخو لکي ڏئي ڇڏيو

news

نئين دلي: سومر14آڪٽوبر2019ع: ڀارتي رياست جهارڪنڊ ۾ پيٽ ۾ سور جي شڪايت تي ڊاڪٽر مرد مريضن کي حمل جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو نسخو تجويز ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست جهارڪنڊ جي ضلعي ڇاترا ۾ 2 نوجوانن کي معدي ۾ سور جي شڪايت تي سرڪاري اسپتال آندو ويو.

سرڪاري اسپتال ۾ ڊيُٽي تي موجود ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کين مرض  جي سڃاڻپ لاءِ مختلف تيسٽون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.

ٻئي نوجوان داڪٽر جو نسخو کڻي اسپتال ۾ موجود ليبارٽري پهتا ته اتي موجود ليب انچارج انهن جو نسخو ڏسي حيران رهجي ويو.

ليب انچارج ٻنهي نوجوانن کي ٻڌايو ته کين ٻين ٽيسٽن سان گڏ ڊاڪٽر ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ حمل جي تيست پڻ لکي ڏني آهي ۽ حمل ٽيسٽ ته صرف عورتن جي ٿي سگهي ٿي.

واقعي کانپوءِ مريضن جي گهروارن طرفان انتظاميه کي شڪايت ڪئي وئي جنهن تي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڏئي آهي.