بابر اعظم ٻيو منفرد اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

news

لاهور: سومر14آڪٽوبر2019ع: بابر اعظم هڪ سال ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي سينچريون ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو.

فيصل آباد ۾ جاري قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ سينٽرل پنجاب جي ڪپتان بابر اعظم سنڌ خلاف 102 رنسون ٺاهيون ۽ ناقابل شڪست رهيو، هلندڙ سال ۾ هن ٽئين سينچري ٺاهي ۽ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهرئين پاڪستاني بيٽسمين جي طور تي پنهنجو نالو داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

هڪ سال ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ انٽرنيشنل ڪرڪيٽرز جي فهرست ۾ بابر اعظم ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي، ويرات ڪوهلي ۽ ڪرس گيل 4، 4 سينچريون ٺاهي چڪا آهن، ايرون فنچر، ڊيوڊ وارنر ۽ مائيڪل ڪلنگر 3، 3 ٿري فيگر اننگز هڪ سال ۾ کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو۔