بابري مسجد ڪيس جي فيصلي کان اڳ ايوڌيا ۾ قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لاڳو

news

نئين دلي: سومر14آڪٽوبر2019ع: ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي ايوڌيا ۾ بابري مسجد ڪيس جي فيصلي کان اڳ ئي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ ۾ بابري مسجد ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس رنجن گوگئي جي سربراهي ۾ 5 رڪين بينچ ڪري ر هي آهي ۽ هي هن ڪيس جي ٻڌڻي جو آخري هفتو آهي.

مسلمانن طرفان سينيئر ايڊووڪيٽ راجيو ڌون دليل ڏيندي چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو هن ڪيس جي ٻڌڻي دوران صرف مسلمانن کان ئي سوال ڪيا پيا وڃن ۽ مخالف هندو ڌر کان ڪجهه نه پڇيو ويو. ان سوال کي بينچ جي ميمبر جج غير ضروري قرار ڏيندي احتياط جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ راجيو ڌون دليل ڏنا ته تڪراري بڻايل زمين هميشه اسان (مسلمانن) وٽ رهي آهي، 1989ع کان اڳ هندو ڌر ڪڏهن زمين جي مالڪاڻن حقن جي دعويٰ پڻ پيش نه ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته مسلمانن کي ان زمين جي گرانٽ پڻ ملي جيڪا اهو ٿابت ڪري ٿي  ته زمين جا مالڪاڻا حق مسلمانن وٽ آهن ۽ 1992ع ۾ بابري مسجد تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ بابري مسجد ڪيس جي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين پوري ٿي سگهي ٿي جنهن کانپوءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کان اڳ ئي ڀارت جي اعليٰ عدالت فيصلو ٻڌائيندي.

ياد رهي ته ڀارتي چيف جسٽس رانجن گوگئي جي عهدي جو مدو 17 نومبر تي ختم ٿي رهيو آهي. هوڏانهن بابري مسجد ڪيس جي فيصلي کان اڳ ئي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۽ حالتون قابو ۾ رکڻ لاءِ ايوڌيا ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پوري ضلعي ۾ 10 ڊسمبر تائين 4 يا 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ  تي پابندي هوندي.