آصفه ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش پهتي، خاندان جي مزارن تي حاضري ڀري

news

نئون ديرو: سومر 14 آڪٽوبر 2019ع،  شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پي ايس 11 لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار جميل سومرو جي حق ۾ اليڪشن مهم هلائڻ بعد ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد امڙ محترمه بينظير ڀٽو، ناني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، نانِي بيگم نصرت ڀٽو، مامن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو سميت ڀٽو خاندان جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

آصفه ڀٽو زرداري مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سکر ايئرپورٽ کان ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي وئي. آصفه ڀٽو زرداريءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو جڏهن ته سيڪيورٽيءَ جا انتظام پڻ غيرمعمولي ڪيا ويا هئا.