اڏيرو لال اسٽيشن ۾ سکيا وٺندڙ نوجوانن کي موٽر سائيڪل جي رپيئرنگ جا دوڪان کولي ڏنا ويا

news

اڏيرولال اسٽيشن:  سومر 14 آڪٽوبر 2019ع انسٽيٽيوٽ آف رورل مئنيجمينٽ ۽ روٽري ڪلب حيدرآباد جي تعاون سان اڏيرو لال اسٽيشن ڀرسان فاضلاڻي موري تي ٻه مهينا اڳ موٽر سائيڪل مڪينڪ جي سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي اداري طرفان موٽر سائيڪل رپيئرنگ جا دڪان کولي ڏنا ويا ۽ نوجوانن ۾  موٽر سائيڪل رپيئرنگ جو سامان پڻ تقسيم ڪيو ويو .

ان موقعي تي سيف پروگرام جي اڳواڻ اسرار حسين تنيو . روٽري ڪلب حيدرآباد جي ميمبر عبدالسميع ميمڻ . ڊولپمينٽ آفيسر ميڊم شهنيلا سومرو ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر فلڪ ناز سمون خطاب ڪندي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف رورل ڊولپمينٽ جي پروگرام جو مقصد غربت گهٽايو آمدني وڌايو آهي.

ان حوالي سان اسان جي بيروزگار نياڻين ۽ نوجوانن کي مختلف پروجيڪٽن تحت سکيا ڏئي انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ آهي جيئين اهي پنهنجي پيرن تي بيهي خوشحال زندگي گذاري سگهن.

ان موقعي تي علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.