ڪراچي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب پنجويهه ڄڻا زخمي

news

ڪراچي:(اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي ايف سي ايريا ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن مان 23 ڄڻن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال جي ڊاڪٽر جهانزيب ٻڌايو ته ڪتي جي ڏاڙهڻ جا وڌيڪ زخمي ايف سي ايريا مان آيا ۽ شام جو 4 بجي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب زخمي 23 ڄڻن کي آندو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب زخمي سمورا مريض ٻاهران دوا خريد ڪري آيا هئا. شهري يا سنڌ حڪومت اسان کي دوائون فراهم ناهن ڪيون.

ٻئي طرف پوليس ۽ رينجرز اهلڪار ماڻهن کي ڏاڙهڻ واري ڪتي کي علائقي ۾ ڳولا ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته گذريل مهيني جي آخر ۾ بدين جي هڪ عورت ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي هئي جنهن کي فوري طور تي طبي امداد نه ملڻ سبب هو فوت ٿي وئي هئي. صحت کاتي موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 17 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.