ڪراچي ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي

news

ڪراچي: (اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع) موسميات کاتي موجب هن ڀيرو ڪراچي ۾ ٿڌ جلدي ٿيڻ ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب اتر ۽ اوڀر طرف هوا جو دٻاءُ موجود آهي ۽ هوا جو وڌيڪ دٻاءُ يعني(پريشر گريڊينٽ) بهتر ٿڌ جي لاءِ اهم آهي.

موسميات کاتي جي اختيارين موجب اتر بلوچستان ۾ پريشر گريڊينٽ موجود آهي ۽ اهوئي سبب آهي ته اتر طرف هوائون هلڻ جي صورت ۾ ڪراچي جو موسم ٿڌو ٿي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب نومبر جي وچ تائين موسم ٿڌو ٿي سگهي ٿو. پر هن ڀيرو جلد ٿڌ ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.