رحيم يار خان ۾ عورت اسڪول ٽيچر جي معصوم شاگرد سان زيادتي، وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪيو ويو

news

رحيم يارخان: (اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع)  رحيم يار خان جي تاريخ جو انوکو واقعو سامهون آيو آهي جنهن ۾ عورت اسڪول ٽيچر جي خلاف 12 ساله ٻارڙي سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جناح پارڪ رحيم يار خان جي رهواسي زوهيب احمد بي ڊويزن ٿاڻي رحيم يار خان ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي.

ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته(ث) نالي عورت ٽيچر منهنجي ڀاءُ 12 ساله(ف) کي نشي واري شيءَ کارائي بيهوش ڪيو ۽ ان کان پوءِ ان سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪئي ۽ ان زيادتي جي هن وڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل پڻ ڪيو ويو.

پوليس پاران ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.