اداڪاره صنم سعيد فلم(دُرج) مٿان لڳل پابندي تي سوال اٿاري ڇڏيا

news

ڪراچي: (اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع)   پاڪستاني اداڪاره صنم سعيد فلم(دُرج) مٿان لڳل پابندي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته جڏهن بالي ووڊ جون سموريون فلمون ملڪ جي سئنيما ۾ هلي سگهن ٿيون ته(دُرج) ڇو نه.؟

ياد رهي ته اداڪار ۽ پروڊيوسر شمعون عباسي جي فلم(دُرج) ۾ تمام  سينسر بورڊ جي طرفان اعتراض جوڳو ۽ خوف وارو مواد هجڻ سبب پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. دُرج جي رليز جي لاءِ ٽيم طرفان درخواست به ڏني وئي آهي پر فلم کي ملڪ جي سئنيما گهرن جي زينت بنجڻ جي اڃان تائين اجازت ناهي ڏني وئي.

جڏهن ته اداڪاره صنم سعيد به فلم مٿان لڳل پابندي تي سوال اٿاريندي پنهنجي ٽوئٽ ۾ پڇيو آهي ته ڇو دُرج جهڙين فلمن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.؟ اداڪاره لکيو اهي ته جيڪڏهن بالي ووڊ جون فلمون جنسي اشارن، تشدد ۽ تاريڪ عنوانن سان گڏ اسان جي سئنيما ۾ هلي سگهن ٿيون ته پوءِ اسان جي آئوٽ آف دي باڪس فلمون جيئن دُرج ڇو نٿي هلي سگهي. 

ياد رهي ته شمعون عباسي جي تجسس سان ڀريل فلم (دُرج) کي 11 آڪٽوبر تي سموري دنيا ۾ رليز ڪيو ويو آهي جڏهن ته  18 آڪٽوبر تي پاڪستان ۾ نمائش جي لاءِ پيش  ڪرڻو هو پر پابندي سبب اها رليز نه ٿي سگهي.

آدم خور انسانن جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم کي شمعون عباسي ۽ پروڊڪشن ٽيم حقيقي رنگ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي مهينا ريسرچ ڪئي ۽ هن ڪافي وقت دنيا کان الگ غارن ۾ رهندڙ انسانن سان گڏ وقت گذاريو ته جيئن انهن جي زندگي جي صحيح طريقي سان عڪاسي ٿي سگهي.