پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ ڇهن ڏينهن جي واڌ

news

سکر: (اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع) احتساب عدالت خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ نيب کي کيس 21 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ جوا ضافو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب 31 جولاءِ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ ان جي خلاف باقاعده جاچ جي شروعات ڪئي وئي هئي. نيب ذريعن موجب خورشيد شاهه ۽ ان جي وارثن جا ڪراچي، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ 105 بينڪ اڪائونٽ موجود آهن. پ پ اڳواڻ پنهنجي اهم ساٿي جي نالي تي مختلف شهرن ۾ 83 ملڪيتون به ٺاهيون آهن.

ٻڌڻيءَ دوران خورشيد شاهه پنهنجي دفاع ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب وارن اسلام آباد وارا جيڪي 2 اڪائونٽس ٻڌايا آهن، اُهي پارليامينٽيرينز طرفان آءِ ڊي پيز لاءِ کوليا ويا هئا. اُنهي اڪائونٽ ۾ گڏيل صحيحون ٿيل هيون، اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي به صحيح ٿيل آهي. اُنهي اڪائونٽ ۾ تڏهوڪي نيب چيئرمين به 5 لک رُپيا جمع ڪرايا هئا. احتساب عدالت جي جج چيو ته هُن به نيب وارن کان پُڇيو آهي ته ڇا جاچ ۾ فهميد مرزا کي به شامل ڪيو پيو وڃي؟ لڳي ٿو نيب آفيسر اِنهي صورتحال جي حوالي سان اڻڄاڻ آهي.

خورشيد شاهه چيو ته اُنهن ٻنهي اڪائونٽس جي رقم باجوڙ آپريشن جي متاثرن تي خرچ ڪئي وئي هئي.  ٻڌڻيءَ دوران جج پ پ ايم اين اي کان پُڇيو ته خورشد شاهه! توهان تي ڪو ذهني يا جسماني تشدد ته نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي خورشيد شاهه جواب ڏنو ته جج صاحب! نيب تشدد جو نشانو نه بنايو آهي. عدالت خورشيد شاهه جو مڪمل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران خورشيد شاهه جي وڪيل درخواست ڪئي ته سندس اصيل کي عدالتي رمانڊ تي موڪليو وڃي، نيب کي رمانڊ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. جنهن تي جج وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سوالنامي جا سمورا جواب ڏئي چڪا آهيو؟ نئين سوالنامي جا جواب ڪير ڏيندو؟

نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جي اڪائونٽ ۾ لکين روپيا روڪ جمع ٿيا آهن، تنهن ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.  پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه استدعا ڪئي ته جج صاحب! توهان مون کي ٽن مهينن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، آئون عزتدار سياستدان آهيان، اِن سموري صورتحال تي مون کي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اها تڪليف مون کي اندران ئي اندران کائي رهي آهي. توهان اخبارن ۾ اشتهار لڳرائي پُڇو ته خورشيد شاهه ڪنهن ڪنهن سان زيادتي ڪئي آهي ته آڏو اچي.

خورشيد شاهه عدالت ۾ چيو ته کيس دل ۽ آڪسيجن جو مسئلو آهي، رات به سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي.جنهن کان پوءِ  احتساب عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته کيس 21 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.