فواد چوڌري جي نوڪرين بابت بيان کي صحيح طريقي سان ناهي سمجهيو ويو: عمران اسماعيل

news

ڪراچي: (اربع 16 آڪٽوبر 2019ع) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته حڪومتون نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لاءِ نجي شعبي کي به وسيلا فراهم ڪنديون آهن.

فواد چوڌري جي نوڪرين بابت بيان کي صحيح طريقي سان ناهي سمجهيو ويو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فواد چوڌري جي بيان کي صحيح طريقي سان ناهي سمجهيو ويو. ان جو مطلب اهو هو ته ماضي ۾ نوڪريون سياسي بنيادن تي ڏنيون وينديون هيون جنهن سان ادارا تباهه ٿي ويندا هئا.

هن چيو ته قائداعظم ۽ لياقت علي خان جي مشن کي اڳيان وڌائي رهيا آهيون. ڀارت ۾ اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ کين گلي لڳايو ويندو آهي. عمران اسماعيل چيو ته شهر جي لاءِ ڪي فور منصوبا ٺهڻ ضروري آهن ۽ اهي ضرور ٺهندا جن ماڻهن ڪي فور منصوبي ۾ ڪابه گڙبڙ يا چوري ڪئي ته اهي نٿا بچي سگهن.

وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن به ڪابه ضرورت پوي ٿي ته اسان فورس طرف ڏسون ٿا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل شهيد ملت لياقت علي خان جي مزار تي حاضري ڏيڻ کان پوءِ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني به ڪئي.