ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ(دي هنڊرڊ) جي لاءِ رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو

news

ڪراچي: (اربع 16 آڪٽوبر 2019ع)  ايندڙ سال انگلينڊ ۾ شيڊول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ(دي هنڊرڊ) جي ڊراٽ ۾ موجود رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪيترائي پاڪستاني به شامل آهن.

سڀني کان وڏي ڪيٽيگري ۾ موجود واحد پاڪستاني محمد عامر جي ريزرو پرائس هڪ لک پائونڊ آهي. بابر اعظم، محمد حفيظ ۽ شاداب خان جي ريزرو پرائس 75 هزار پائونڊ ٿيندي. شاهين شاهه آفريدي، شاهد آفريدي، فهيم اشرف، عثمان خان شنواري شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض جي ريزرو پرائس 60 هزار پائونڊ آهي. محمد عباس، آصف علي ۽ عماد وسيم جي ريزرو پرائس 50 هزار پائونڊ رکي وئي آهي.

40 هزار پائونڊ ريزرو پرائس وارن رانديگرن ۾ پاڪستان جو عمر اڪمل، حسن علي، حسين طلعت ۽ فخر زمان موجود آهن.

ڊرافٽ ۾ پاڪستان جي افتخار احمد، ڪامران اڪمل، سيف بدر، مير حمزه، محمد عرفان، جنيد خان، عديل ملڪ، صهيب مقصود، اسامه مير، محمد نواز، محمد رضوان، اسد شفيق، ياسر شاهه، احمد شهزاد، حارث سهيل، سهيل تنوير، امام الحق ۽ عامر يامين به شامل آهن پر انهن جي ڪابه ريزرو پرائس ناهي رکي وئي.