ڇا روزانو چاڪليٽ کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.؟

news

ڪراچي: (اربع 16 آڪٽوبر 2019ع) ڪيترائي ماڻهو چاڪليٽ کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن پر ان کي کائڻ سان ٿلهي ٿيڻ جو به ڊپ هوندو آهي.  پر ڊارڪ چاڪليت کائڻ سان اوهان ٿولهه جو شڪار نه بڻجندو. جڏهن ته ان جا ڪيترائي ٻيا به فائدا آهن جيڪي اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا.

ڊارڪ چاڪليٽ جو روزانو استعمال اوهان کي صحتمند انسان بنائي سگهي ٿو ان ۾ ڪيتري ئي غذائيت ۽ اينٽي آڪسيڊينٽ  هوندي آهي جيڪا اوهان جي جسم جي حفاظت ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي کائڻ سان اوهان بهتر صحت حاصل ڪري سگهو ٿا. اچو اسان اوهان کي ٻڌايو ته روزانو ڊارڪ چاڪليٽ جو استعمال ڪرڻ اوهان جي صحت لاءِ ڪيترو فائديمند ٿي سگهي ٿو.  ڊارڪ چاڪليٽ ۾ اهڙي غذائيت هوندي آهي جيڪا خطرناڪ ڪوليسٽرول جي هڪ قسم(ايل ڊي ايل) جسم ۾ جمع ٿيڻ کان روڪي ٿي وقت سان گڏ انسان جي دل جي شريانين ۾ هي ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جمع شروع ٿي ويندو آهي جنهن سان دل جي بيماري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

هفتي ۾ 2 ڀيرا ڊارڪ چاڪليٽ کائڻ سان شريانين ۾ ڪيلسي فائڊ پلاڪ ڄمڻ جي خطرن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي آهي جڏهن ته ان کان وڌيڪ ڊارڪ چاڪليت کائڻ سان دل  جي بيمارين  جي خطرن ۾ 57 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. چاڪليٽ ۾ موجود شيون جسم ۾ رت جي رواني کي بهتر بنائينديون آهن جيڪڏهن ڪنهن جو بلڊ پريشر گهٽ هجي ته ڊارڪ چاڪليٽ کائڻ سان رت جي رواني بهتر ٿي سگهي ٿي. جيڪي ماڻهو پهريان کان ئي هاءِ بلڊ پريشر جا مريض آهن ته انهن جي لاءِ هي اوترو مددگار ثابت ناهي ٿيندو. جيڪڏهن اوهان کي بلڊ پريشر جي حوالي سان ڪا بيماري ناهي ته اوهان ان جو استعمال ڪري وڌيڪ بهتر صحت جي طرف وڃي سگهو ٿا.