سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ايسوسئيشن جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي هنگامي گڏجاڻي، لائحه عمل جوڙيو ويو

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ويلفيئر ايسوسئيشن جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي هنگامي گڏجاڻي ساجد قيوم ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري.

گڏجاڻي ۾ آفيسرن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي، ايسوسيئيشن کي آفيسرن جي فلاح لاءِ ۽ ان جي آئين مطابق هلائڻ ۽ آفيسرن جي اسڪل ڊيولپمينٽ لاءِ ٽريننگ پروگرام شروع ڪرائڻ سميت لاڳاپيل سڀني معاملن تي تفصيل سان غور ويچار ڪيو ويو.

هن موقعي تي آفيسرن ۾ ڀائيچاري واري فضا قائم ڪرڻ رابطن کي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. هن موقعي تي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ساک وڃائي ويٺل صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي بيان جي مذمت ڪندي واضح ڪيو تہ اهو وقت ثابت ڪندو تہ سنڌ يونيورسٽي جا حقيقي "آفيسر" ڪهڙا آهن ۽ آفيسرن جي اڪثريت ڪنهن سان گڏ آهي.

آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن گذريل ٻن سالن ۾ آفيسرن پاران پگهار مان في جي مد ۾ جمع ڪرايل پئسن ۽ خرچن جي آڊٽ ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

هن موقعي تي ڪجھ مفاد پرستن پاران آفيسرن خلاف توهين آميز زبان استعمال ڪرڻ تي کين خبردار ڪيو ويو ته اهڙي قسم جي غير مهذب رويي کان پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قانوني جواب جو حق محفوظ رکون ٿا. 

گڏجاڻي ۾ ساجد قيوم ميمڻ، نديم ٻٽ، غلام مرتضيٰ سيال، غلام نبي ڪاڪا، چندر ڀان ڀاٽيا ۽  محمد بخش لغاري شرڪت ڪئي.