مورو ويجھوسکر ويندڙ پانڌيئڙن جي بس سان حادثو، ڇهه فوت، ٽيهه ڄڻا زخمي

news

مورو: اربع، 16 آڪٽوبر 2019ع مورو قومي شاھراھ المدينه پيٽرول پمپ وٽ ڀٽ شاھ جي ميلي کان واپس سکر ويندڙ ڀٽ شاھ جي پانڌيئڙن جي بس تيز رفتاري دوران ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي م 6 ڄڻا فوت 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين ء زخمين کي موٽروي پوليس، سنڌ پوليس، ايڌي ايمبولنس رضاڪار ء سوشل سماجي ماڻھن پاران مورو اسپتال آندو ويو ء اسپتال م ھڪ ڊاڪٽر ھجڻ سبب زخمي تڙپندا رھيا ء بعد م ايم ايس ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاھرڀ پھچي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽر ء عملي کي گھرائي ورتو۔

جتي زخمين کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي جڏھن تہ حادثي دوران بروقت ٽي ڄڻا بس ھيٺيان اچڻ سبب چيڀاٽجي فوت ٿيا ء ٽي ڄڻا مورو اسپتال م زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويا جن جو انگ 6 ٿي ويو، فوتين ۾ شوڪت ولد گل حسن شيخ  ويٺل سکر، ممتاز ولد يوسف شيخ ويٺل سکر، ڍولڻ ولد انور شيخ ويٺل سکر، ديدار ولد امداد عباسي ويٺل خيرپور، امير بخش ولد مشتاق لانگاھ ويٺل خيرپور ميرس ء عبداللہ تڙت شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ فرمان ڇڄڙ، برڪت شيخ، صاحب شيخ، حبدار شيخ، رسول بخش مبيجو، نذير احمد مبيجو، صدام عباسي، جميل احمد عباسي، محمد نواز ڇڄڙ، قادر بخش تڙت، خورشيد احمد بلوچ، خدابخش چنو، محمد ملوڪ چاچڙ، مير حسن شنباڻي، ٻاجهي ڪانڻيجو، سرور ڪانڌڙو، غلام اصغر شنباڻي ء ٻيا شامل آهن جن مان 7 زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري نوابشاھ جي اسپتال موڪليو ويو۔

ء ٻين زخمين کي علاج جي سھولت ڏني پئي وڃي، ء اھڙي حادثي جي اطلاع فوتين ء زخمين جي وارثن کي ڏني وئي جيڪي پڻ مورو اسپتال پھتا ء فوتين جا لاش قانوني گھرجون پوريون ڪري وارثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو تہ اسان شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ تان زيارت ڪري واپس اچي رھيا ھئاسين بس ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ سبب حادثو پيش آيو.

جڏھن تہ اھڙي حادثي جي ابتداعي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي جڏھن تہ بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. تعلقي اسپتال م ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ء عملي کي بروقت گھرايو ويو ء مختلف اسپتالن مان ايمبولنسون پڻ گھرايون ويون ھيون.

جڏھن تہ حادثي بعد ايس ايس پي موٽروي پوليس سجاد علي ڀٽي پڻ مورو اسپتال پھتو ء مريضن جي عيادت ڪئي. ھوڏانھن سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آھي تہ حادثا ڊرائيورن جي غفلت سبب ٿين ٿا جنھن م اڪثر ڊرائيور نشي جا عادي ھجڻ آھي پر انھن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي ڪئي وڃي ء اھڙي ريت روز جي بنياد تي بيگناھ معصوم انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون ء ھزارين گھر اجڙي رھيا آھن۔

ھنن مطالبو ڪيو تہ مسافر گاڏين جي ڊرائيورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انساني جانين کي وڏي جاني نقصان کان بچايو وڃي.