نوابشاهه ۾ ٽنڊو آدم جي رهواسي جو بيمار پيرسن امڙ ۽ ٻين سان گڏ اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج

news

نوابشاهه :اربع 16 آڪٽوبر 2019ع. ٽنڊو آدم جي رهواسي حاجي خان قريشي پنهنجي بيمار پيرسن امڙ مسمات رشيده، ڀينرن ريحانه ۽ شهناز بي بي سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آهي ته ٽنڊو آدم اسپتال جي ڊاڪٽرن منهنجي امڙ کي نوابشاهه کڻي وڃڻ جو چيو ۽ اسان هتي نوابشاهه کڻي آيا آهيون ۽ هتي اسان رات ڏهين وڳي کان وٺي اسان دربدر آهيون ۽ ڊاڪٽر منهنجي امڙ جو علاج نٿا ڪن ۽ نه ئي داخل ڪن ٿا،

هن چيو ته اسان مجبور ٿي نوابشاهه پريس ڪلب آيا آهيون ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارا مسيحا مريضن سان جانورن کان به وڌيڪ برو سلوڪ ڪن ٿا، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته منهنجي امڙ کي داخل ڪري ان جو علاج ڪيو وڃي.