بدين ۾ ٽنڊي باگي جي ڳوٺ خدا بخش جي رهواسي هارين جو بااثر زميندار خلاف احتجاج

news

 بدين: اربع 16 آڪٽوبر 2019ع،  بدين پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن فهيم الدين ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته اسان گذريل ڏينهن پنهنجي زمين تي پاڻي وهائي رهيا هئاسين ته بااثر زميندار ۽ سندس ساٿين پاڻي بند ڪرائڻ بعد هٿيار تاڻي زمين مان نڪري وڃڻ جو چيو ڪجھ دير ۾ هنن حملو ڪري اسان کي سخت مارڪُٽ جو نشانو بڻايو۔

هنن چيوته اسان جي بار بار منٿن بعد به هنن هڪ به نه ٻڌي هنن اعلى اختيارين کان گھُر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيووڃي.