ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا نثار ٻلهڙو جي علاج لاءِ بدين ۾ چندو مهم جاري

news

 بدين: اربع 16 آڪٽوبر 2019ع، ڪينسر جهڙي مرض ۾ مبتلا لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن نثار ٻهلڙو جي علاج لاءِ گهربل رقم جي بندوبست لاءِ بدين شهر ۾ نوجوان پاران طارق خليفه ميمڻ رحيم پنهور مهراڻ غلام رسول سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي شهر جي مختلف روڊ ۽ بازارن مان جهولي جهلي چندو گڏ ڪرڻ جو سلسلو تئين ڏينهن به جاري رهيو نوجوانن موجب 3 ڏينهن دوران ٻه لک رپيا کان مٿي چندي جي رقم گڏ ڪئي وئي آهي.