سعودي عرب ۾ خوفناڪ روڊ حادثي سبب پنجٽيهه پرڏيهي فوت

news

سعودي عرب:(خميس 17 آڪٽوبر 2019ع) سعودي عرب ۾ بس ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عمري جي لاءِ ايندڙ 35 پرڏيهي زائرين فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مدينه منوره کان ڏوراهين ڳوٺ الاخل جي ويجهو حجره روڊ تي هڪ بس  ٻئي پاسي کان ايندڙ لوڊر سان ٽڪرائجي وئي. جنهن کان پوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي.

بس ۾ 39 پرڏيهي مسافر سوار هئا جن جو تعلق عرب ۽ ايشيائي ملڪن سان هو ۽ هو مديني وڃي رهيا هئا حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

واقعي جي خبر ملندي ئي امدادي ادارا فوري طور تي حادثي واري جڳهه تي پهچي ويا جنهن لاشن ۽ زخمين کي الحمنا اسپتال منتقل ڪيو جتي 35 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.

4 زخمين جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن سبب فوتگين ۾ اضافي جو امڪان آهي. سعودي اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مديني جي گورنر شهزاده فيصل بن سلمان بن عبدالعزيز مرحومن جي وارثن سان تعزيت ڪندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.