ٽرمپ جو طيب اردوان کي لکيل غير معمولي خط سامهون اچي ويو

news

نيويارڪ: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع) ترڪي طرفان شام ۾ فوجي ڪارروائي جي شروعات تي آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ترڪ هم منصب اردوان کي لکيل غير معمولي خط سامهون اچي ويو آهي.

آمريڪي ٽي وي موجب خط ايترو عجيب آهي جو وائٽ هائوس مان ان جي حقيقي هجڻ جي تصديق ڪرائڻي پئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خط ۾ ترڪ صدر کي لکيو آهي ته اوهان  کي هزارين ماڻهن کي مارڻ جو ذميوار نه بنجڻ گهرجي. مان به ترڪ معيشت کي تباهه ڪرڻ جو ذميوار نٿو ٿيڻ چاهيان. ٽرمپ  طيب اردوان  کي لکيو آهي ته مان اوهان جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا، دنيا کي هيٺانهون نه ڏيکاريو اوهان هڪ بهتر سمجهوتو ڪري سگهو ٿا.

آمريڪي صدر لکيو ته ڪرد فوجي جنرل مظلوم عابدي اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. جنرل مظلوم اهي رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي جيڪي هن ڪڏهن به ناهن ڏنيون. جنرل مظلوم جو مون ڏانهن موڪليل خط مان اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان. ڊونلڊ ٽرمپ طيب اردوان کي  چيو آهي ته اوهان جلد بازي ۾ بيوقوفي وارو قدم نه کڻو، انسانيت جي طريقي سان قدم کڻندو ته تاريخ اوهان کي سٺن لفظن ۾ ياد رکندي. سٺا قدم نه کڻندو ته تاريخ اوهان کي شيطان جي حيثيت سان ياد ڪندي.

خط جي آخر ۾  آمريڪي صدر ترڪ هم منصب کي فون ڪرڻ جو به اشارو ڏنو آهي. شام مان آمريڪي فوج جي  نڪري وڃڻ جي ٽن ڏينهن کان پوءِ لکيل خط تي 9 آڪٽوبر  جي تاريخ لکيل آهي. ٻئي طرف شام جي علائقي راس العين ۾ ترڪ فورس ۽ ڪرد مليشيا جي وچ ۾ جنگ جاري آهي. ڪرد مليشيا سان معاهدي کان پوءِ شامي ۽ روسي فوج شام جي سرحدي علائقي ڪوهاني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ترڪ فوج به ڪوهاني جي سرحد تي جمع ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.

ڪرد مليشيا داعش جي خلاف پنهنجون ڪارروايون روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب شدت پسند ڪاررواين جي ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.