سوڪا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي مسلسل ٽئين شڪست

news

لاهور: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع) سڪس آسائيڊ فٽبال(سوڪا) ورلد ڪپ ۾ پاڪستان کي مسلسل ٽئين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي ۽ پاڪستان جي ٽيم دفاعي چيمپين جرمني جي خلاف بهتر راند پيش ڪرڻ جي باوجود به 2-3 سان ناڪام رهي.

سڪس آسائيڊ فٽبال ورلڊ ڪپ يونان جي شهر ڪيريٽ ۾ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستان جي ٽيم گروپ ايچ ۾ شامل آهي. سلوانيه ۽ رومانيه کان وڏي مارجن جي شڪست کان پوءِ اربع تي پاڪستان جرمني جي خلاف سٺي راند پيش ڪئي ۽ 2 گول به ڪيا پر دفاعي چيمپين جي خلاف پاڪستاني ٽيم سوڀاري نه ٿي سگهي. جرمني کي 14 منٽ ۾ ايڊمنيٽ جي گول کان پوءِ برتري ملي وئي جنهن کي 22 منتن ۾ پاڪستان جي محمد وحيد برابر ڪري ڇڏيو پر 2 منٽن کان پوءِ ئي جرمني هڪ ٻيو گول ڪري ميچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر برتري حاصل ڪري ورتي.

37هين منٽ ۾ جرمني هڪ ٻيو گول ڪري اسڪور 1-3 ڪري ڇڏيو پر پاڪستان جي طرفان محمد وحيد 42 منٽ ۾ هڪ ٻيو گول ڪيو.  ان کان پوءِ پاڪستان مقابلو ٻيهر برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سموريون ڪوششون رائيگان رهيون ۽ ميچ جرمني جي حق ۾ 2-3 جي نتيجي تي ختم ٿيو. پاڪستان جي ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجو اخري ميچ اڄ هنگري جي خلاف کيڏندو.

ان حوالي سان پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڪيوين ريوس چيو ته ٽيم ڪافي بهتر راند کيڏي آهي اميد آهي ته هنگري جي خلاف ٽيم سٺي راند کيڏندي. هن چيو ته ڪابه ٽيم رات وچ ۾ نٿي ٺهي پر سٺي ٽيم جي تياري ۾ وقت لڳندو آهي.