مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

news

اسلام آباد: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع) مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ۽ ڳالهين جي لاءِ بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ ٺهندڙ ڪميٽي ۾ سينئر سياستدانن کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي آزادي مارچ جي حوالي سان بچاءُ واري پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي ٺاهي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ چئني صوبن جا پارٽي اڳواڻ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هاڻ ڪميٽي ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي ۽ اسد عمر کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ڪميٽي ۾ نون ميمبرن جي نالي جي حتمي منظوري وزيرعظم ڏيندو. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان ڪميٽي سان ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته نه مون کي ڪنهن حڪومتي ڪميٽي جي خبر آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان رابطو ٿيو آهي. ڳالهيون صرف وزيراعظم جي استعيفيٰ کان پوءِ ئي ٿينديون. ياد رهي ته 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي، معاشي بدحالي ۽ حڪومتي نااهلي جي خلاف جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 28 آڪٽوبر تي حڪومت جي خلاف اسلام آباد جي طرفان مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پ پ ۽ (ن) ليگ سميت ٻين اپوزيشن پارٽين آزادي مارچ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي پر مارچ ۾ شرڪت جي حوالي سان 2 وڏين پارٽين(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو واضح موقف سامهون ناهي آيو.