سموري ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڊينگي جا ٻه سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

news

اسلام آباد: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع) سموري ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 200 کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن.

پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 165 ماڻهو ڊينگي جو شڪار بڻيا. ذريعن موجب ضلع راولپنڊي ۾ 124 ۽ لاهور ۾ 17 ماڻهن ۾ ڊينگي جي سڃاڻپ ٿي. بهکر مان پنج، پاڪپتن ۽ فيصل آباد مان 2-2 اٽڪ، ڊي جي خان، گوجرانوالا، حافظ آباد، خانيوال ۽ جهلم ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. سموري صوبي ۾ ڊينگي جي نسل کي روڪڻ جي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 95 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا ۽ مريضن جو انگ 5 هزار 509 تائين پهچي ويو آهي. مردان 30، پشاور 28، هريپور 10 ۽ صوابي مان ڊينگي جي 9 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. صرف پشاور ۾ ڊينگي مريضن جو انگ 2 هزار 266 ٿي ويو آهي.

بلوچستان جي صحت جي سيڪريٽري موجب مختلف اسپتالن ۾ 3014 ڪيس داخل ٿيا آهن. گوادر، ڪيچ ۽ لسبيله ۾ 1970 ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. فاطمه جناح اسپتال ۾ هن وقت ڊينگي جا 2 مريض علاج هيٺ آهن. جناح اسپتال ۾ ڊينگي ۽ ڪانگو جي لاءِ جدا وارڊ مختص ڪيا ويا آهن.