هڪ حادثي منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي: اداڪاره عائشه عمر

news

لاهور: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع)  پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره عائشه عمر چيو آهي ته  هڪ حادثي منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي.

عائشه عمر نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجون ڪجهه مجبوريون هيون جنهن سبب مان گهڻين فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم نه ڪري سگهيس. عائشه عمر چيو ته اڃان به حادثي جا ڪجهه زخم باقي آهن مون کي کي حادثي کان اڳ اها خبر نه هئي ته بيچيني ڇا ٿيندي آهي. مان ماڻهن کان ٻڌندي هئس ته عجيب لڳندو هو پر جڏهن منهنجي مٿان گذري ته بيچيني جي مطلب جي خبر پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ عائشه عمر پنهنجي ڪجهه فيصلن ۾ غلطي جو به اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مان ٻه ٽي فلمون ڇڏي ڏنيون آهن جنهن جو مون کي ڏک آهي.

عائشه عمر موجب ان جي هڪ فلم(رهبرا) بدقسمتي سان مڪمل ناهي ٿي سگهي پر هاڻ ان فلم جي شوٽنگ شروع ٿي وئي آهي. فلم رهبرا بابت هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ منهنجو ڪردار نهايت ئي دلچسپ آهي. عائشه عمر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو اداڪاري، گلوڪاري، ماڊلنگ ۽ ڪمپيئرنگ سڀ ڪم ڪندي آهي. هن چيو ته جڏهن مون کي گهڻو ڳالهائڻ جو دل چوندو آهي ته ڪمپيئرنگ ڪندي آهيان ۽ جڏهن موسيقي جا رنگ وکيرڻ جو دل چاهيندو آهي ته گانا ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهيان پر هاڻ منهنجو سمورو ڌيان فلمن ۽ ڊرامن تي هوندو.

عائشه عمر کي تازو ئي مصر ۾ هڪ ايونٽ دوران تصوير سبب سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو. عائشه عمر پنهنجي تصويرن تي ڪيل تنقيد تي رد عمل ڏيندي چيو ته ساڙ رکندڙ مون سان محبت ڪن ٿا. جيلسي ۾ به پيار لڪل آهي مان ان کي به انجواءِ ڪندي آهيان.