برطانوي شاهي جوڙي نيشنل اڪيڊمي لاهور ۾ ڪرڪيٽ کيڏي

news

لاهور: (خميس 17 آڪٽوبر 2019ع)  برطانوي شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي چوٿين ڏينهن تي لاهور پهچي ويا آهن. جتي شاهي جوڙي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو دورو ڪيو جتي ان جو خصوصي استقبال ڪيو ويو.

شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن ان موقعي تي ڪرڪيٽ به کيڏي جنهن جي لاءِ امپائرنگ جا فرض اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس انجام ڏنا.

حسن علي جي هڪ بال تي برطانوي شهزادي وليم ڇڪو به هنيو. جڏهن ته ٻئي بال تي حسن علي برطانوي شهزادي کي آئوٽ به ڪيو پر امپائر وقار يونس ان بال کي نو بال قرار ڏئي ڇڏيو. 

شاهي جوڙي جو لاهور ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي پهچڻ تي چيئرمين پي سي بي احسان ماني سندن استقبال ڪيو.

ايم ڊي  پي سي بي وسيم خان شاهي جوڙي کي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس ۽ رانديگرن سان تعارف ڪرايو جنهن کان پوءِ شهزادي مڊلٽن قومي ٽيم جي رانديگرن سان گڏ ڪرڪيٽ به کيڏي.