نوابشاهه ۾ انسپيڪٽرن جي عهدن تي ترقيون ماڻيندڙ پنجٽيهه آفيسرن جي تقريب منعقد

news

نوابشاهه: خميس 17 آڪٽوبر 2019ع، ڊي آئي جي پي شهيد بينظير آباد رينج مظهر نواز شيخ پاران رينج جي ٽن ضلعن ۾ سينارٽي جي بنياد پر انسپيڪٽرن جي عهدن تي ترقيون ماڻيندڙ 35 آفيسرن جي تقريب منعقد ڪئي وئي.

جنهن ۾ انسپيڪٽر ممتاز بروهي، انسپيڪٽر منور ميربحر، انسپيڪٽڙ صديق جهتيال سيمت 35 ڄڻا شامل آهن جن کي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديق ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز ڊاڪٽر محمد فاروق انسپيڪٽر ڦول لڳايا،

ان موقعي تي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ ترقيون ماڻيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته توهان جو ذميواريون وڌي ويون آهن ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، اميد ته توهان نيڪ نيتي سان ڪم ڪندا.