ٽنڊو ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پاران بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام: خميس 17 آڪٽوبر 2019ع، بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪري بليڪ ميل ڪرڻ واري عمل خلاف زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن بالاچ خان ريڪي، اي ڊي بلوچ، شهاب احمد نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري بلوچستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي ملي ڀڳت سان انتظامي عملدارن طرفان شاگردياڻين کي حراسان ڪري بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جنسي حوس جو نشانو بنائڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي،

بلوچستنا اڳ ۾ ئي پٺتي پيل صوبو آهي ۽ اهڙي قسم جي حرڪتن سان بلوچستان جا ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بند ڪري ڇڏيندا جيڪو ملڪ ۽ قوم لاء انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيندو.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي شاگردياڻين جي عزتن سان کيڏڻ واري عمل ۾ ملوث عملدارن سميت وائيس چانسلر کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي.