ٽانڪ: ٻن قبائلي گروپن جي جهيڙي سبب تيرنهن ڄڻا مارجي ويا

news

ٽانڪ: خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ ٻن قبائلي گروپن جي وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پوليس اختيارين موجب واقعو ٿاڻو ملازٽي جي حد ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن مبينا طور تي بيٽني قبلي سان تعلق رکندڙ نامعلوم هٿياربندن شربتي روڊ تي فائرنگ ڪري مروت قبيلي جي 2 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن مروت قبيلي کي واقعي جي اطلاع ملي ته انهن پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي اماخيل ڳوٺ ۾ واقع پيٽرول پمپ تي موجود ماڻهن مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بيٽني قبيلي جا 2 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ان کانپوءِ وڌيڪ اشتعال ۾ اچي دره بين روڊ تي بيٽني قبيلي جي وين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٻيا مارجي ويا.

فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال (ڊي ايڇ ڪيو) ٽانڪ منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ علائقي کي گهري ۾ آڻي هٿياربند ماڻهن جي خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جا واقعا ظاهري طور ٻنهي گروپن جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي.