ٽنڊوڄام لڳ روهڙي ڪينال مان نامعلوم عورت پيٽ تي پٿر ٻڌل لاش هٿ

news

ٽنڊوڄام: خميس 17 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊوڄام لڳ روهڙي ڪينال مان نامعلوم عورت جو پيٽ تي پٿر ٻڌي رسو ٻڌل حالت ۾ لڙهندڙ لاش هٿ. سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس لاوارث قرار ڏيئي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ روهڙي ڪئنال مان نامعلوم عورت جو لاش لڙهندو اچي کيسانا موري وٽ ڪينال جي ريگيوليٽر ۾ ڦاسي پيو. اطلاع ملڻ تي ٽنڊوڄام پوليس پهچي لاش ڪڍرائي رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام پهچايو. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاوارث قرار ڏيئي ايڌي حوالي ڪيو ويو.

رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام منظور جمالي ٻڌايو ته لاش مهينو کن پراڻو لڳي رهيو آهي. عورت جي پيٽ تي پٿر رکي رسي سان ٻڌي لوڙهيو ويو آهي.

هن چيو ته وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته عورت کي قتل ڪرڻ بعد لوڙهيو ويو آهي يا ٻوڙي ماريو ويو آهي.