پنوعاقل لڳ قومي شاھراھ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت، گهر ۾ ڪهرام

news

پنوعاقل:خميس 17 آڪٽوبر 2019ع،  پنوعاقل لڳ قومي شاھراھ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت. گھر ۾ قھرام.

موٽرسائيڪل سوار نوجوان جنيد چنو گھوٽڪي کان پنوعاقل اچي رھيو ھو تہ دادلو ويجھو قومي شاھراھ تي ڪتو سامھون اچڻ ڪري موٽرسائيڪل سلپ ٿي ڪري پئي.

نوجوان سخت زخمي ٿيڻ سبب پنوعاقل اسپتال آندو پئي ويو تہ رستي ۾ فوت ٿي ويو.

نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مڇي ويو.