چوڌري شگر ملز ڪيس: نواز شريف اڪثر سوالن جا جواب نه ڏنا، لاعلمي جو اظهار

news

لاهور: چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان نيب اڄ 45 منٽن تائين جاچ ڪئي. هن اڪثر سوالن جا جواب ڏيڻ بجاءِ لاعلمي جو اظهار ڪيو. نواز شريف کان نيب اڄ خميس جي ڏينهن ٿيندڙ جاچ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب نيب جي جاچ ٽيم سوال ڪيو ته ٽي ٽي جي رقم ڪنهن جي آهي؟ ان تي نواز شريف جواب ڏنو ته ان جي ڄاڻ عباس شريف کي هئي. نيب مبينا مني لانڊرنگ جي رقم متعلق سوال ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هو سياست ۾ مصروف رهيو، ان حوالي سان ڪا ڄاڻ ناهي.

جاچ ٽيم نواز شريف کان پڇيو ته بقول توهان جي لنڊن فليٽس ٻارن جي نالي تي آهن، چوڌري شگر ملز جا شيئر ته توهان جي نالي آهن پر اهي آمدن کان مطابقت نٿا رکن. نواز شريف جواب ڏنو ته اها ڪا اندروني سيٽلمينٽ هوندي جنهن جي اڪائونٽنٽس کي ڄاڻ هوندي.

ان جي خيال ۾ ان حوالي سان يوسف عباس بهتر ٻڌائي سگهي ٿو. نيب ٽيم سوال ڪيو ته يوسف عباس چوي ٿو ته ان کي هن بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

نيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته مني لانڊرنگ جي مبينا رقم جو ميان شريف سان ڪو تعلق نٿو لڳي، جيڪڏهن اها رقم ميان شريف جو اثاثو هجي ها ته سڀني ٻارن ۾ هڪ جيتري تقسيم ٿئي ها.

نواز شريف هڪ دفعو وري جواب ڏنو ته هو سياسي زندگي ۾ مصروفيت سبب هو سوالن جا جواب ڏيڻ کان لاچار آهي. جاچ ٽيم شيئرز جي اثاثن جي دستاويزن جي اصل ڪاپي جي موجودگي جي حوالي سان سوال ڪيو ته نواز شريف سڌو سنئون جواب ڏنو ته ڇا ڪو نئون ريفرنس بڻائڻو آهي؟ جاچ ٽيم ئي ٻڌائي ته هن اهي پئسا ڪٿان ڦريا؟