پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو فيصلو اڄ ٿيندو

news

پيرس:(جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع) پاڪستان کي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) جي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو فيصلو اڄ ٿيندو.

فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جو اڄ آخري ڏينهن آهي جنهن ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو  ڪوبه امڪان ناهي. ڇو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان جي گهڻن نڪتن تي عمل ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پراميد آهي جنهن جو فيصلو اڄ ٿيندو.

ايف اي ٽي ايف جو صدر پيرس ۾ هڪ پريس بريفنگ جي ذريعي حتمي فيصلن جو اعلان ڪندو. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ وفاقي وزير حماد اظهر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي 5 رڪني وفد شرڪت ڪئي آهي.

ذريعن موجب پاڪستان 8 مهينن دوران ايف اي ٽي ايف جي حدف تي گهڻي ڌيان سان ڪم ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جا امڪان نه هجڻ جي برابر رهجي ويا آهن.