لاڙڪاڻي ۾ پ پ کي شڪست: بلاول پاران چونڊ نتيجن کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان

news

لاڙڪاڻو: (جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ايس 11 لاڙڪاڻي جي ننڍي چونڊ جي نتيجن کي ڇيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي حلقي پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ کي پنهنجي سياسي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس(جي ڊي اي) جي اميدوار جي هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ضمني چونڊ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) جي معظم عباسي 31557 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پ پ جو اميدوار جميل سومرو 26021 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري چونڊ نتيجن کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پولنگ جو عمل ڄاڻي واڻي سست رفتاري جو شڪار ڪيو ويو. عورتن جي پولنگ اسٽيشنن ۾ دير سان پولنگ شروع ڪرائي وئي. هن چيو ته پ پ پ جي نامزد اميدوار کي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل نه ٿيڻ نه ڏنو ويو پر دٻاءُ جي باوجود ڪارڪنن ڪافي جدوجهد ڪئي.

بلاول ڀٽو چيو ته نيب پ پ ورڪرن کي نوٽيس موڪلي وقت کان اڳ چونڊ ڌانڌلي ڪئي. ان ڪري مذڪوره سيٽ تي ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي اسان کي يقين آهي ته اسان ضرور کٽينداسين. پ پ چيئرمين ضمني چونڊ نتيجن تي ڪاوڙ جو اطهار ڪندي وڌيڪ چيو ته شڪايت جي باوجود اليڪشن ڪميشن ڪوبه نوٽيس نه ورتو. خاموشي سان ان جي بدنيتي ظاهر ٿي وئي آهي پر سچ لڪائي نٿو سگهجي. هن سليڪشن کي اسان ضرور بي نقاب ڪنداسين.