ڪراچي ۾ لڳل باهه کي وسائڻ لاءِ فائربرگيڊ جي عملي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع) فائربرگيڊ جي عملي شاهراهه فيصل تي نجي ڪمپني ۾ لڳندڙ باهه کي وسائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي بلاڪ 6 ۾ هڪ ڪمپني جي آفيس ۾ باهه لڳي وئي جنهن کي وسائڻ جي لاءِ فائربرگيڊ جي عملي کي اطلاع ڏني وئي ته عملي حادثي واري جڳهه تي پهچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب فائربرگيڊ جي ملازمن کي فائررسڪ الائونس نه ملڻ سبب هو گذريل ڏينهن کان هڙتال تي آهن جنهن سبب باهه وسائڻ جي لاءِ عملو حادثي واري جڳهه تي نه پهتو.

فائربرگيڊ جي عملي جي نه پهچڻ سبب آفيس ۾ موجود ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر نڪتا جڏهن ته باهه وسائڻ جي لاءِ پاڪستان نيوي جا 2 فائر ٽينڊر پهچي ويا.