ترڪي شام ۾ ڪرد مليشيا جي خلاف آپريشن عارضي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

ترڪي: (جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع) ترڪي شام ۾ ڪرد مليشيا جي خلاف جاري آپريشن کي عارضي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ترڪي طرفان شام ۾ آپريشن روڪڻ جي فيصلي تي  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گئيرس به آجيان ڪئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گذريل ڏينهن آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي ملاقات ۾ عارضي جنگبندي جو معاهدو طئي ٿيو هو.

معاهدي تحت شام ۾ سيف زون مان ڪردن جي مڪمل نڪرڻ جي لاءِ 5 ڏينهن جي جنگبندي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ترڪي 9 آڪٽوبر جي شام جو اتر اوڀر علائقي ۾ ڪرد مليشيا جي خلاف آپريشن شروع ڪيو هو.