اطلاعات واري وزير سعيد غني جي اعظم بستي قبرستان ۾ سانحہ ارڙهين آڪٽومبر جي شھيدن جي قبرن تي حاضري

news

ڪراچي: جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع، ڪراچي وزير اطلاع ۽ محنت سنڌ سعيد غني اعظم بستي قبرستان ۾ سانحہ 18 آڪٽومبر جي شھيدن جي قبرن تي حاضري فاتحہ خواني ڪئي.

ان موقعي تي مڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو تہ سانحو 18 آڪٽومبر پاڪستان نہ پر دنيا جي سياست ۾ دھشتگردي جو ھڪ اھڙو سانحو ھيو جنھن ۾ ھڪ پر امن سياسي جماعت کي ٽارگيٽ جو نشانو بڻايو ويو،

جنھن ۾ 177 جيالا شھيد ۽ پنج سو کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا پر انھن اڄ تائين پيپلز پارٽي کي ناھي ڇڏيو، اڄ بہ جيڪي ماڻھو اھو سوچي رھيا آھن تہ پيپلز پارٽي ۽ عوام ۾ ڪوبہ رشتو ناھي اھي ھن مان سبق وٺن، شھيد راڻي جڏھن پاڪستان اچي رھي ھئي ان وقت شھيد راڻي ۽ ھن ملڪ جي عوام کي خبر ھئي تہ ان تي دھشتگردي ٿي سگھي ٿي پر ان جي باوجود بہ ڪراچي آمد دوران لکن ماڻھن جو سمنڊ ان جي استقبال لاء ايئرپورٽ تي موجود ھيا،

سانحي 18 آڪٽومبر کان 27 ڊسمبر تائين عوام جتي جتي شھيد راڻي جلسن ۽ جلوس ۾ ويندي ھئي عوام جو وڏو سمنڊ ان سان گڏ ھوندو ھيو، ان موقعي صوبائي وزير سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر راشد رباني، جنرل سيڪريٽري وقار مھدي، اقبال ساند، لالا عبدالرحيم، فرحان غني ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.