سڪرنڊ ۾ گهٽي ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ واري واقعي خلاف احتجاج تي ڊي ايڇ او نوابشاهه پهتو، مظاهرين سان ڳالهيون

news

سڪرنڊ: جمعو 18 آڪٽوبر2019ع، ٽي ڏينهن اڳ تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي ويم گهر ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي مبينه لاپرواهي سبب اسپتال ٻاهران ڳورهاري عورت مسمات مينا ڀيلڻ زال مکڻ ڀيل اسپتال اندر عام گهٽيءَ ۾ پُٽُ کي جنم ڏيڻ واري واقعي بعد سول سوسائٽي پاران واقعي خلاف اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو.

جنهن بعد ڊي ايڇ او نوابشاھ ڊاڪٽر معين قريشي ۽ ڊاڪٽر دولت جمالي سڪرنڊ پهتا جن مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ڳالهين ۾ ايم ايس ڊاڪٽر نصير ميمڻ پڻ موجود هو ان موقعي تي شهرين پاران بالا آفيسرن کي واقعي جو پيرائتو احوال ڏنو ويو.

جنهن بعد صحت کاتي جي ضلعي آفيسرن پاران واقعي جي انڪوائري ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو.

جنهن تي احتجاج ختم ڪيو ويو شهرين  پاران دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ بابت پڻ شڪايتون ڪيون جڏھن ته احساس پروگرام تحت سندس انتظامن تي تنقيد ڪري کين مڪمل ناڪام قرار ڏنو ويو.

جنهن تي آفيسرن پاران يقين ڏياريو ويو ته ان بابت پڻ جلد احساس انتظاميه سان گڏجاڻي ڪري مسئلن تي ڳالهايو ويندو جنهن تي شهرين پاران پڻ کين اهو چيو ويو هو.

تعلقه اسپتال کي پنهنجو ادارو سمجهن ٿا ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ پڻ قابل اعتماد آفيسر آهي ڪجھ عملو جيڪو دوائن.جي کوٽ جو سبب آهن ۽ مريضن کي صحيح چيڪ نه ڪرڻ ڪري اداري کي بدنام ڪري رهيو آهي.

جنهن تي پڻ ڊي ايڇ او هر حوالي سان جاچ جو حڪم ڏئي چار رڪني ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.